عبدالجبار وڪيل

عبدالجبار وڪيل: عبدالجبار وڪيل 17 سيپٽمبر 1884ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان اصل ۾ عربستان جي زبيري قبيلي مان هو. ميان عبدالجبار وڪيل ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه وقت مدرسي ۾ معلم رهيو، 1908ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. 1909ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي سرپرستيءَ ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين. رئيس غلام محمد جي صحبت ۾ وڪالت ۽ ملڪي مسئلن کان وڌيڪ واقف ٿيو. وڪالت سان گڏ سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۾ هن نمايان حصو ورتو. 1920ع خلافت ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڪانگريس جي پليٽ فارم تان هن عدم تعاون واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪجهه وقت لاءِ جيل به ويو. انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو. سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر به رهيو. 1933ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1934ع ۾ پير غلام محمديءَ سان گڏ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. حاجي علي اڪبر شاهه سان گڏ حيدرآباد ۾ جامعه عربيه قائم ڪرڻ سان گڏ پاڪستان جي تحريڪ ۾ به نمايان حصو ورتائين. عبدالجبار مخلص ۽ قومي ڪارڪن هو. هن جي زندگيءَ جو پورو مقصد خدمتِ خلق لاءِ هو. هن 1369هه/ 1949ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالجبار وڪيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.09.17  عيسوي

عبدالجبار وڪيل 17 سيپٽمبر 1884ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن 1369هه/ 1949ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد يعقوب سولنگي شهيد
اسحاق مڱريو
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
خاصخيلي حسيب
ڄام توڳاچي
جوکيو محمد الياس
ڀَلو ڳاھو
ڄام بايزيد سمو
جمعو خان غريب
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون